پوٿي ناسڪيت جي

پوٿي ناسڪيت جي (ڪتاب): ديوناگري (سنڌي) لپيءَ ۾ هيءُ ڪتاب مولوي محمد عثمان جو لکيل آهي، جنهن جي قيمت هڪ آنو 4 پايون ڄاڻايل آهن. هيءُ ڪتاب ليکڪ مفيد عام پريس لاهور مان سال 1899ع ۾ ڇپايو.ساڳئي نالي سان ٻيو ڪتاب خوبچند جو پڻ لکيل آهي، جنهن جي قيمت هڪ آنو ڄاڻايل آهي ۽ اهو ڪتاب ليکڪ اسلاميه پريس لاهور مان، سال 1889ع ۾ ڇپايو.هن نالي سان ٽيون ڪتاب جمناداس جو لکيل آهي، جنهن جي قيمت هڪ آنو ڄاڻايل آهي. جيڪو اسلاميه پريس لاهور مان، سال 1893ع ۾ ڇپيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو